سياسي پد وڌڻ سان جمهوريت جي ڊي ريل ٿيڻ جو خطرو آهي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته سياسي گرمي پد وڌي ويو ته خطرو آهي ڪٿي جمهوريت ڊي ريل نه ٿي وڃي. لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته عمران خان جيڪو به چيو يوٽرن ورتو، يوٽرن هاڻ عمران خان جو برينڊ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته سفارتي محاذ تي موجوده حڪومت سخت شرمندو ڪيو آهي، ڪستي ۾ سعودي عرب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به سڪو نه وڌو، سي پيڪ سان راند ڪئي پئي وڃي ۽ هنن اهو سڀ ڪجهه سي پيڪ سان ڪيو جيڪو هندوستان نه ڪري سگهيو. سندس چوڻ هو ته وزير اعظم چوي ٿو ته مون کي ٽي وي ڏسي رپئي جي قدر ڪرڻ جي خبر پئي، اسٽاڪ مارڪيٽ روز ڪريش ڪندي آهي پر ڪو به سنڀالڻ وارو ناهي، پهريون ڀيرو اهڙي حڪومت ڏٺي آهي جيڪا 100 پورا ٿيڻ تي چوي ٿي ته وقت کان اڳ چونڊون ٿي سگن ٿيون يعنيٰ هي پاڻ ئي عدم اعتماد ڪري رهيو آهن ملڪ نه پيا سنڀالي سگهن. هن چيو ته جڏهن به ووٽ جو مذاق اڏايو ويندو ۽ عوام جو فيصلو نه مڃيو ويندو ته اهڙا ئي حڪمران ايندو جن کي ڪم ڪرڻ ئي ناهي ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *