سياسي پارٽين جو راڻا ڀڳوان داس جي نالي تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) سياسي پارٽين جسٽس (ر) راڻا ڀڳوان داس کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ راڻا ڀڳوان داس کي مڃائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه وزيراعظم ميان نواز شريف جي چين مان واپسي کانپوءِ ان سان ملاقات ڪري جسٽس (ر) راڻا ڀڳوان داس کي نئون چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ لاءِ قائل ڪندو ۽ وزيراعظم جي راضپي تي مقرري لاءِ آئين ۾ ترميم به ڪري سگهجي ٿي، ياد رهي ته جسٽس (ر) راڻا ڀڳوان داس جو نالو اپوزيشن خورشيد شاهه طرفان تجويز ڪيو ويو هو جڏهن ته راڻا ڀڳوان داس پاڻ ئي عهدوسنڀالڻ کان معذرت ڪئي هئي جنهن جو اظهار خورشيد شاهه به ڪيو هو ذريعن مطابق خورشيد شاهه ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ پيپلز پارٽي سينيٽر رضا رباني کي جسٽس (ر) راڻا ڀڳوان داس سان ملي ان کي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏن ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو جمعي جي شامل ان سان ملاقات ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *