سياسي مقصدن ۽ علائقائي تعصب کان مٿانهون ٿي هارين جو تحفظ ڪنداسين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، ڪسان پئڪيج تي عملدرآمد روڪڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو حڪم سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وزيراعظم نواز شريف اٽارني جنرل کي ان سلسلي ۾ اپيل داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت سياسي مقصدن ۽ علائقائي تعصب کان مٿانهون ٿي هارين جو تحفظ ڪندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ زرعي سڌارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خوراڪ ۽ زراعت واري وفاقي وزير سڪندر بوسڻ، اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته اليڪشن ڪميشن، حڪومت پاران اعلانيل ڪسان پئڪيج جي ڪجهه حصن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان کي مڪاني چونڊن لاءِ جاري ڪيل ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. وزيراعظم نواز شريف، اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته هاري پئڪيج جو مقصد آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ هو پر ان تي عملدرآمد روڪڻ سان کين ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. هن چيو ته ڪسان پئڪيج  جو مقصد زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ  هو، فنڊن سان هارين جي تربيت ۽ پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪسان پئڪيج سڄي ملڪ جي آبادگارن لاءِ آهي، اهو پئڪيج ڪنهن هڪ حصي لاءِ نه آهي، ان تي سڀني جو حق آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت سياسي مقصدن ۽ علائقائي تعصب کان مٿانهون ٿي هارين جو تحفظ ڪندي رهندي. اجلاس ۾ وزيراعظم پاران ايگريلچر ريسرچ انڊومينٽ فنڊ جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *