سياسي قيادت پاران واقعي جي مذمت، بزدلاڻيون ڪارروايون حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(م.ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊيرا اسماعيل خان ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نٿيو ڪري سگهن. ڊي آءِ خان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته امن امان کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي.  اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جو حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، اسپتالن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جا بدترين دشمن آهن.  هن چيو ته پنهنجا فرض ادا ڪندي شهادت جو جام پئيندڙ  پوليس اهلڪارن تي پوري قوم کي فخر آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارا امن جي بحالي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ جان جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته بزدل دهشتگردن هڪ ڀيرو وري ڊيرا اسماعيل خان کي نشانو بڻايو . پ  پ اڳواڻ چوڌري منظور به واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته فائرنگ ۽ بم ڌماڪا پاڪستانين جا حصولا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *