سياسي صورتحال ۽ اين اي 122 جي فيصلي تي غور لاءِ پي ٽي آءِ جي ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس طلب

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان موجوده سياسي صورتحال، اين اي 122 جي فيصلي سميت مختلف معاملن تي غور لاءِ پارٽي جي ايڊوائيزري ڪائونسل جو اجلاس اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو.عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ ٿيندڙ پارٽي جي ايڊوائيزري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، چوڌري سرور، ڊاڪٽر عارف علوي، شيرين مزاري سميت پارٽي جا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ شرڪت ڪندا.اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي اليڪشن بابت مشاورت ڪئي ويندي.اجلاس ۾ اين اي 122 جي ٽربيونل جي فيصلي تي به غور ويچار ڪيو ويندو..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *