سياسي جهيڙن کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) سياسي جهيڙن کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ پوري عزم سان جاري رکي ويندي ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلا، نواز شريف تعليمي ادارن جي سڪيورٽي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي معصوم ٻارڙن جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.اجلاس ملڪي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.  اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، اسحاق ڊار، پرويز رشيد، احسن اقبال ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اعليٰ سطحي اجلاس دوران اختيارين وزيراعظم کي چارسدا سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ ڪارروايون جو جائزو ورتو ويو، ان کانسواءِ آرمي چيف جي ملازمت ۽ رينجرز اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس دوران گهرو وزير چوڌري نثار ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کان اڳ گهرو وزير چوڌري نثار وزيراعظم سان ملاقات به ڪئي. ذريعن موجب چوڌري نثار سنڌ سرڪار سان اختلافن بابت وزيراعظم کي پنهنجي موقف کان آگاهي ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *