سياسي جرڳي پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سياسي جرڳي، پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سراج الحق جو چوڻ آهي ته حڪومت پاڻمرادو وچ مدي وارين چونڊن جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي،جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ٿيون ته ڳالهه اڳتي نڪري ويندي. اسلام آباد ۾ سياسي جرڳي جي سربراهه سراج الحق پ پ سينيٽر رحمان ملڪ سان ملاقات ڪئي ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سياسي جرڳي جي ميمبرن حڪومت کان اپيل ڪئي ته تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن ۽ ڌرڻن جي خاتمي تائين معاملي کي رد ڪيو وڃي جيڪڏهن استعيفائون منظور ڪيون ويون ته ڳالهه اڳتي وڌي ويندي. سراج الحق چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر استعيفائن جي معاملي ۾ تڪڙ کان ڪم نه وٺي ۽ ان معاملي کي محرم تائين رد ڪيو وڃي. سراج الحق چيو ته سياسي پارٽين سياڻپ جو مظاهرو نه ڪيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. جماعت اسلامي جي امير حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو هاڻي نانگن ۽ وڇن کان نه پر بجلي جي بلن کان ڊڄن ٿا. پ پ سينيٽر رحمان ملڪ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جمهوريت هاڻ به خطري ۾ آهي،پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿيون ته ڳالهه اڳتي نڪري ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڌرڻو ختم نه ٿيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کي اپيل ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جو استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. رحمان ملڪ عمران خان کي به درخواست ڪئي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ کڻي ۽ حڪومت سان ڳالهيون ڪري. رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته حڪومت طاهرالقادري جو نالو اي سي ايل ۾ نه وجهي سياڻپ جو مظاهرو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *