سياسي جرڳو ٻيهر سرگرم، جوڊيشل ڪميشن تي سڀئي متفق آهن ته پوءِ دير ڇا جي؟ سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) سياسي جرڳي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون شروع تي زور ڀريو آهي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن گاڏي جون بريڪون فيل ٿي ويون ته سڀئي ڏسندا ئي رهجي ويندا، رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته ميمو گيٽ تي ڪميشن بڻجي سگهي ٿي ته ڌانڌلي تي ڇو نٿي بڻائي وڃي، اسلام آباد ۾ سياسي جرڳي جو اجلاس اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي گهر ۾ ٿيو اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته 1977ع ۾ به سياسي پارٽين هڪ ٻئي برداشت نه ڪيو اڄ ٻيهر ملڪ ان ئي صورتحال جو نقشو پيش ڪري رهيو آهي جنهن کي ملڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڙتال دوران ملڪ دشمن طاقتون ڪم ڏيکارينديون ته وڏي خونريزي جو خطرو آهي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف معاملي کي نه وڌائين جيڪڏهن ڌانڌلي تي ڪميشن نه بڻائي وئي ته جرڳو سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندو جرڳي جو چوڻ هو ته ان جي ڪوششن سان حڪومت، تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ کي37 ڀيرا ڳالهين جي ميز تي ويهاريو ويو هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڌريون واعدا پورا ڪن. سراج الحق چيو ته جوڊيشل ڪميشن تي سڀئي متفق آهن ته پوءِ دير ڇو پئي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *