سياسي بنيادن تي ورتل قرض واپس نه ڪيا ويا ته اثاثا ضبط ڪري ڇڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار قرض معافي واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته جن قرض معاف ڪرايو انهن کان وصول ڪنداسين ۽ رقم نه ته اثاثا وڪرو ڪري رقم وصول ڪنداسين خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ قرض معافي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ نيشنل بئنڪ ۽ خانگي بئنڪ جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا نيشنل بئنڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ مين پارٽي اسٽيٽ بئنڪ آهي خانگي بئنڪ جي وڪيل دليل ڌڏيندي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ريگيوليٽري اٿارٽي آهي ۽ بئنڪن قرض معاف ڪيا خاني بئنڪ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيشنل بئنڪ ڪميشن جو چوڻ آهي ته قضو ماضي جو آهي پر بئنڪ هي پئسا واپس ڪرائڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺي ٿي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪميشن جي رپورٽ ڪٿي آهي ان تي نيشنل بئنڪ جي وڪيل جواب ڏنو ته مون کي به رپورٽ ڏسڻ جو موقعو ناهي مليو جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته پوءِ ڪوئي اندازو آهي ته ڪيترا ارب معاف ٿيا خانگي بئنڪ جي وڪيل ٻڌايو ته 54 ارب رپيا معاف ٿيا چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي ڪيس پراڻا ٿي ويا آهن تنهنڪري انهن کي کولي رهيو آهيان سياسي بنيادن تي جيڪي قرض معاف ٿيا ان جو تفصيل ڪٿي آهي 222 شڪي ڪيس آهن چيف جسٽس چيو ته نيشنل بئنڪ تمام گهڻي رقم جو قرض مختلف ٽيڪسٽائيل ملن کي معاف ڪيو جڏهن کان هي رپورٽ آئي آهي ان کان پوءِ ڪائي ڪارروائي ناهي ٿي هي معاملو اسان وٽ 2007 کان التوا هيٺ آيه اسان کي رپورٽ گهرجي ۽ ان جون سفارشون جن سياسي بنيادن تي قرض معاف ڪرايا انهن کان وصول ڪنداسين چيف جسٽس چيو ته سياسي بنيادن تي معاف ڪيل قرض واپس ڪرائينداسين چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته رپورٽ ڇا آهي هن ذميواري ڪنهن تي وڌي آهي پوري رپورٽ جي سمري عدالت کي فراهم ڪيو بئريسٽر ظفرالله عدالت کي ٻڌايو ته محمد خان جوڻيجو، يوسف رضا گيلاني، بينظير ڀٽو، نوازشريف ۽ چوڌري ڀائرن به قرض وٺي معاف ڪرايا آهن ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جن غير قانوني قرض معاف ڪرايا انهن کان اڳاڙينداسين جيڪڏهن رقم نه ته اثاثا وڪرو ڪري رقم وصول ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *