سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون بني گالا مان ملندڙ هدايتن تي پيون ٿين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسپتالن تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي بابت اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي نا اهل حڪومت صحت جي شعبي کي به ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. ايف بي آر پاران اسپتالن کي سيلز ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ نوٽس ڏيڻ ظلم آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هاڻي اسپتالون به سيلز ٽيڪس جي وڪڙ ۾ اچي چڪيون آهن بجلي ۽ گئيس ڪمپنين کي اسپتالن کان اسٽينڊرڊ سيلز ٽيڪس اوڳاڙي جو حڪم مليو آهي. ملڪ ۾ صحت جون سهولتون هونئن به ناڪافي آهن ان تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ زيادتي آهي.بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته تحريڪ انصاف جي نااهل حڪومت هر شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن اسپتالون به ٽيڪس ڏينديون ته صحت جون سهولتون عوام جي پهچ کان پري ٿينديون. پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به عوامي خدمت وارن شعبن سان کنئوس نه ڪئي هئي. تحريڪ انصاف سياسي انتقام ۽ استحصال ڪرڻ ۾ بدحواس ٿي چڪي آهي تنهنڪري حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ اسپتالن کان سيلز ٽيڪس اوڳاڙي وارو فيصلو واپس وٺي.ٻئي پاسي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جون ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نرسن سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي ڳالهين کانپوءِ نرسن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو ان موقعي تي هن چيو ته نرسن جي مطالبن جي منظوري وارو نوٽيفڪيشن 24 ڪلاڪن ۾ جاري ٿي ويندو ڇو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ تي يقين رکندي آهي ۽ عوام جي صحت جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي ويندي ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير توهان جي احتجاج جو نوٽس ورتو آهي حڪومت توهان جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي احتجاج اوهان جو حق آهي پر مهزب انداز ۾ هجي. وڏي وزير جي هدايتن تي حراست ۾ ورتل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي اوهان ڪنهن جي منفي ڳالهين ۾ نه اچو. وڏي وزير صحت واري سيڪريٽري کي توهان جا مسئلا ترت حل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن اوهان خاطري ڪيو ته مسئلا حل ٿيندا اسين نٿا چاهيون مائرون ڀينرون پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ روڊن تي اچن سڀاڻي جمعي نماز کانپوءِ توهان جي مطالبن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. هوڏانهن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ايل اين جي ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري تي سخت مذمت ڪندي چيو ته اسان سمجهون ٿا ته عدالت مان ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري ۽ سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي. بني گالا مان ملندڙ هدايتن تي گرفتاريون عمل ۾ اينديون آهن پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف ڪو جرم ثابت ٿيو آهي ته ٻڌايو وڃي نيب ۽ وفاقي حڪومت کي سوچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *