سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي: اجي ديوگن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته هن جو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب اجي ديوگن گذريل هفتي بهار ۾ بي جي پي جي اڳواڻ جي ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. ممبئي ۾ هڪ تقريب ۾ اجي ديوگن جي سياست ۾ قدم رکڻ بابت پُڇيو ويو ته هن چيو ته سياست ۾ قدم رکڻ جو هن جو ڪو ارادو ناهي ۽ نه ئي ان بابت ڪڏهن سوچيو آهي. اداڪار چيو ته هو فلم انڊسٽريءَ ۾ مختلف قسم جا ڪردار نڀائي چڪو آهي، هن چيو ته ڪردار ڪوبه هجي ان لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *