سياست کان مٿانهون عوام جو مفاد سڀ کان اهم آهي: مريم اورنگزيب

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سياست کان مٿانهون عوام جو مفاد سڀ کان اهم آهي 2013 جي وقت مسئلن ۾ ڦاٿل عوام کي 2018 ۾ حڪومت امن، امان، بجلي ۽ مضبوط معيشت جا خوبصورت تحفا ڏنا آهن صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي وفاق جي سوچ جو چٽو مثال آهي سنڌ جي گورنر سان گورنر هائوس ۾ مريم اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ آچر تي ملاقات ڪئي، ترجمان گورنر هائوس موجب ملاقات ۾ راءِ جو اظهار، صحافت جي آزادي، عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مشهوري ، معاشي خوشحالي ۾ ميڊيا جي ڪردار سميت اهميت جي ٻين معاملن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته صوبي ۾ وفاق جي سهڪار سان جوڙيل ترقياتي منصوبا اهم ثابت ٿيندا امن امان قائم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي معاشرتي براين جي نشاندهي ۾ ميڊيا اهم خدمت ڪري رهيو آهي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص سهڪار ڪري رهي آهي، وفاق جي سهڪار سان 75 ارب رپين جي ڳچ رقم سان ترقياتي منصوبا ڪراچي ۾ مڪمل ٿي رهيا آهن. ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ تي صوبي جا رهواسي وفاق کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. مريم اورنگزيب چيو ته جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن امن امان ۽ بجلي بحران جي خاتمي کانپوءِ معيشت به مضبوط ٿي چڪي آهي. بنا فرق خدمت ۽ عوام جي ڀلائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *