سياست جو بنارسي ٺڳ شيخ رشيد جمهوريت لاءِ ناسور آهي، نواز شريف جو مٿو چمڻ وارو اڄ عمران خان جا بوٽ چَٽي رهيو آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شيخ رشيد سياست جو بنارسي ٺڳ ۽ جمهوريت جي لاءِ ناسور آهي. پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان جي جمهوريت کي هميشه خطرو رهيو آهي ۽ اڄ به اهو ئي خطرو لاڳو آهي، شيخ رشيد سياست جو بنارسي ٺڳ ۽ جمهوريت جي لاءِ ناسور آهي، نواز شريف جو مٿو چمڻ وارو اڄ عمران خان جا بوٽ چَٽي رهيو آهي، عمران خان جو پٽيوالو پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيو آهي. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته شيخ رشيد کي ٻين جي خلاف اهڙين ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ماضي ياد رکڻ گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته شيدي ٽلي شيخ رشيد تائين جو سفر ڪهڙي ريت طئي ڪيو. جيترا اين آر او شيخ رشيد ورتا آهن تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. هن وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد قوم کي ريشم جي واپار جي تفصيل ٻڌائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *