سياست جا اهم کلاڙي عدالتي گرفت ۾ …

 

اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو.  احتساب عدالت فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ۽ ڏيڍ ارب رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت طرفان نواز شريف کي فليگ شپ ريفرنس ۾ بري ڪيو ويو. عدالت نواز شريف جي درخواست منظور ڪندي کيس اڊيالا جيل بدران لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نواز شريف خلاف فيصلي جي موقعي تي  مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ به احتساب عدالت ٻاهران موجود هو .  مسلم ليگ ن قائد تي پرڏيهه ۾ ملڪيتن جي حقيقي مالڪ هئڻ جو الزام آهي. نيب موجب نواز شريف بي نامي ملڪيتون ٺاهيون ۽ سندس اثاثا ظاهر ڪيل آمدني جي ذريعن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن مٿس سيڪشن 9 اي 5 تحت فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي وري سپريم ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اومني گروپ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اومني گروپ جون ملڪيتون منجمد ڪرڻ جو حڪم  ڏنو ويو آهي،  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  اومني گروپ ۽ آصف زرداري جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري پروجيڪٽر تي هلائي وئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته اومني گروپ جي مالڪن جو غرور ختم نه ٿيو آهي، قوم جا اربين رپيه کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن. لڳي ٿو ته کين اڊيالا جيل مان ڪٿي ٻي هنڌ منتقل ڪرڻو پوندو، انور مجيد سان هاڻي ڪو به رحم ناهي، بلاول فيملي جو هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ مهيني جو خرچ ڪمپنين ادا ڪيو، ڪراچي، لاهور جي بلاول هائوسز جي اڏاوت لاءِ جعلي اڪائونٽس مان به رقم منتقل ڪئي وئي.  جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته  زرداري گروپ 53 ڏهائي 4 ملين جا قرض حاصل ڪيا، بلاول هائوس جي ايراضي زرداري گروپ جي نالي تي آهي، اومني گروپ مان زرداري گروپ جا ذاتي خرچ به ادا ڪيا ويا.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو اهو پاڪستان ناهي جو پهريون هو، جتي سرڪاري زمين جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي، زرداري ۽ بلاول جي جي گهر جا خرچ به انهن ڪمپنين هلايا، جيڪڏهن ايراضي گفٽ ڪئي وئي ته پئسا ڇو ادا ڪيا ويا. سندن ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جو بل به ڪو ٻيو ڏيندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *