سياستدان تي ڏوهه ثابت ٿئي ته سرِعام ڪوڙا هنيا وڃن، باقي بدنام ڪرڻ بند ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته سياستدان تي ڏوهه ثابت ٿئي ته سرِعام ڪوڙا هنيا وڃن، باقي بدنام ڪرڻ بند ڪيو وڃي. جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اُميدوارن ۾ آفر آرڊرز ورهائڻ اوري تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سکر ضلعي ۾ 2 هزار نوڪرين جون جايون خالي آهن، اڍائي سئو کان 300 اسڪول بند پيل آهن، وفاق طرفان بجيٽ نه ڏيڻ سبب سنڌ سرڪار مالي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. هُن چيو ته عمران خان جي سرڪار عوام جا حق ڦٻائي رهي آهي، اُن تي ڪير نٿو ڳالهائي، باقي ڪنهن جو عزت خراب ڪرڻي هجي ته ميڊيا تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، ڪچرو ته هر پاسي آهي، بس رڳو ڪئمرا جي اک اڳيان ڪراچي ۾ ڪچرو ڏيکاري سنڌ سرڪار کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان سياستدانن ٺاهيو ۽ هن وقت اُنهن ئي خراب ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن سياستدان تي ڏوهه ثابت ٿئي ته سرِعام ڪوڙا هنيا وڃن، پر جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيڻ کانسواءِ سياستدانن کي خراب ڪرڻ واري روايت ختم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *