سياستدانن کي نيب وسيلي گهلڻ واري عمل کي اسان نه ٿا مڃون: مولانا فضل الرحمان

سکر (اين اين آءِ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو آهي ته مون کي جيڪي خاطريون ڪرايون ويون هيون اهي پوريون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ خورشيد شاهه جي رهائشگاهه تي سندس پٽ فرخ شاهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، مولانا وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مدي جو ڪيس عدالت ۾ آهي ان تي تبصرو نه ٿيڻ گهرجي، هي عدالت جي احترام جو تقاضا آهي ته اسان ان حوالي سان احتياط ڪريون، جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن اهي سڀ عدالت ڏسي رهي آهي، بهتر ٿيندو ته آخر راءِ پاڻ عدالت ڏئي، هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي حڪمران هجن جن کي نه حڪمراني جو حق هجي ۽ نه ترز حڪمراني ايندي هجي ته ملڪ پوئتي وڄي ٿو، ملڪ تي هن وقت مهانگائي ڇوٽ آهي ان کان بچڻ جو هڪ ئي واحد رستو آهي ته ملڪ ۾ نئين سر شفاف چونڊون ڪرايون وڄن ۽ اهو سموري اپوزيشن جو حتمي مطالبو آهي، 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اي پي سي ۾ سمورين پارٽين اتفاق سان ضلعي هيڊڪوارٽرز تي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ واري معاملي کي تقويت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته نيب ذريعي سياستدانن کي گهليو پيو وڃي اسان ان کي ڪنهن طور به احتساب سان تعبير نٿا ڪريون، ان طريقي سان اسان جعلي حڪمران کي تسليم نه ڪنداسين، خورشيد شاهه سان پراڻو تعلق آهي هو هن وقت بيمار آهي ۽ بنيادي ڳالهه اها آهي ته کيس سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، دعا آهي ته الله جلد حالتون تبديل ڪري ته جئين ملڪ ۾ جمهوري سياسي شروع ٿئي ۽ انتقام واري سياست ختم ٿئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *