سياستدانن، بيروڪريٽس جي 20 سالن جي پراڻي ٽيڪس رڪارڊ تائين پهچ طلب

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت نيب کي سياستدانن، بيورو ڪريٽس جي ٽيڪس رڪارڊ تائين پهچ ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته هڪ اهم اڳڀرائي ۾ نيب حڪومت کان بجيٽ منظور ٿيڻ کان اڳ قانوني ترميمن جي ذريعي سياستدانن، بيورو ڪريٽس ۽ سندن گهرڀاتين جي ملڪي ۽ پرڏيهي ٽيڪس رڪارڊ تائين پهچڻ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي، نيب جو اصرار آهي ته هن تجويز کي ترميم ٿيل فنانس بل 2021 ۾ شامل ڪيو وڃي جنهن کي ناڻي وارو وزير شوڪت ترين اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو نيب انڪم ٽِڪس آرڊيننس 2021 ۾ فنانس بل 2021 جي مدد سان 4 وڏين ترميمن جي سفارش ڪئي آهي، امڪان آهي ته قومي اسيمبلي اڱاري تي هي بل پاس ڪندي انهن تجويزن کي جيڪڏهن حڪومت قبول ڪري ورتو ته نيب کي گذريل 20 سالن جا بند ڪيل کاتا ٻيهر کولڻ جي اجازت هوندي. ذريعن مطابق حڪومت جا سينيئر عهديدار نيب جي درخواست جو جائزو وٺي رهيا آهن جڏهن ته حتمي فيصلو وزراعظم عمران خان ئي ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *