سياستدانن،بيوروڪريٽن،فوج ۽ ٽيڪس چورن سوڌو سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

لاهور(بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سياستدانن، بيورڪريٽن، فوج ۽ ٽيڪس چورن سوڌو سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قوم سوال ٿي ڪري ته آف شور ڪمپنينن لاءِ ايترو پئسو ڪٿان آيو؟ ڇا ڪنهن حاتم طائي رقم اوڌر ڏني؟ هن هڪ ڀيرو وري مطالبو ڪيو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ وزيراعطم،سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي، سندس چوڻ هو ته جاچ ڪميشن ۾ عالمي آڊيٽرن کي به شامل ڪيو وڃي،جنهن کانپوءِ هر شيءِ جي آڊٽ ڪرائي وڃي ته ڪيترا پئسا پاڪستان کان ٻاهر ويا ۽ ڪيتري ٽيڪس ڏني وئي؟جيڪڏهن اها رقم قانوني طريقي سان وئي آهي ته ان جي به وضاحت ڪئي وڃي، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي پاناما جو معاملو ناهي اٿاريو، اهو عالمي اسڪينڊل آهي، جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي ويهڻ گهرجي، هن چيو ته لڳي ٿو ته ميان صاحب جي ڪٽنب کي ڏيڍ مهينو پهرين ئي پاناماليڪس جي خبر پئجي وئي هئي، سيد خورشيد شاهه چيو ته ٽن سالن ۾ بجلي جي بندش ختم ڪرڻ جا نعرا هنيا ويا پر ٽن سالن ۾ لوڊشيڊنگ ناهي گهٽي، اٽلندو بجلي جا اگهه وڌي ويا آهن، هن چيو ته حڪومت ٻين ملڪن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ٿي، ماڻهو پڇي سگهن ٿا ته وزيراعظم جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ڇو آهي؟ مخالف ڌر جي اڳوان پنجاب حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته هي ماڻهو پنجاب جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *