سوچڻو پوندو ته بکيا رهون يا آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ملڪي سلامتي جو سودو ڪريون: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڳالهه اسٽيٽ بينڪ آءِ ايم ايف کي ڏيڻ تي ختم نٿي ٿئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ڊيل پهريون ڀيرو ناهي ٿي، پهريان جيڪا ايڊ ملي ان جا اهڙا شرط نه هئا جو ملڪي سلامتي تي ڳالهه اچي. هن چيو ته هن ڀيري اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو آهي، اهڙا شرط رکيا ويا آهن جو پاڪستان لاءِ پورا ڪرڻ ڏکيا هوندا، ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽ ٻيهر وياسين ته ايترا خطرناڪ شرط هوندا، جيڪي ملڪ جي سلامتي لاءِ ٺيڪ نه هوندا. پ پ اڳواڻ چيو ته سوچڻو پوندو ته بکيا رهون يا آءِ ايم ايف جي شرط مڃي ملڪ جي سلامتي جو سودو ڪريون، حقيقت ۾ اسان جي فارن پاليسي ئي نه آهي. خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ڄمي مقابلو ڪري رهي آهي، اسان نٿا چاهيون ته وڙهون، گار گند ڪيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *