سوها علي سني ديول کي سڀني جي اڳيان زوردار چماٽ وهائي ڪڍي، سڀ ڏسندا رهجي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ اسڪينڊلز، افئيرز، تڪرار، ۽ ويڙهه جهيڙ جا واقعا ته ٻڌندا ئي رهندا آهيون پر هاڻي بالي ووڊ مان اهڙا واقعا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جيڪي حيران ڪندڙ آهن،ڀارتي اخبار مطابق سيف علي خان جي ڀيڻ سوها علي خان سني ديول کي سچ ۾ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.ڳالهه ڪجهه هن ريت هئي ته سني ديول  کي نئين ايندڙ فلم گهائيل ونس اگين ۾ سني ديول جي ڪردار جي حوالي سان هڪ سين عڪس بند ڪرائڻ لاءِ چمڪاٽ هڻڻي هئي پر سوها علي اهو سين عڪس بند ڪرائڻ ۾  سڀني حدن کي اورانگهي ڇڏيو ۽ هن زوردار چماٽ سني ديول جي ڳل تي وهائي ڪڍي. رپورٽن مطابق سوها علي پاران چماٽ جو آواز ايترو ته زوردار هو جو ڀرپاسي وارن به ٻڌو، ۽ ان کانپوءِ هو سيٽ تان تڪڙي هلي وئي،سني ديول ڪجهه جذباتي ٿي ويو،سندس اکيون ڀرجي آيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *