سونم ڪپور۽ رنوير سنگهه گڏجي ڪم ڪري اسڪرين تي ڌماڪو ڪري سگهن ٿا: انيل ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ورسٽائيل اداڪار انيل ڪپور چيو آهي ته سندس ڌيءُ اداڪارا سونم ڪپور۽ رنوير سنگهه گڏجي ڪم ڪري اسڪرين تي ڌماڪو ڪري سگهن ٿا، ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ انيل ڪپور چيو ته سونم ۽ رنوير وڏي پردي تي گڏجي بهترين ۽ مختلف ڪم ڪري سگهن ٿا، ڪنهن هدايتڪار کي ٻنهي کي فلم ۾ گڏ ڪاسٽ ڪرڻ گهرجي،انيل ڪپور چيو ته سونم ۽ رنوير هڪ ٻئي کي سالن کان سڃاڻن ٿا ۽ گڏجي ڌماڪيدار ڪم ڪري ڏسندڙن کي تفريح ڏئي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *