
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ساز فرح خان جي ٽي وي شو ”لپ سنگ بيٽل“ ۾ سوناڪشي سنها گلوڪارا بادشاهه سان گڏ گانو ڳائيندي. ميڊيا رپورٽن مطابق سوناڪشي سنها جيڪا پنهنجي ڳائڻ واري فن جي شروعات فلم ”نور“ سان ڪري چڪي آهي، هاڻي ٽي وي شو ”لپ سنگ بيٽل“ ۾ گانو ڳائيندي. شو جي خاص قسط جي ۲ آڪٽوبر تي شوٽنگ ڪئي ويندي.