سونامي جا نعرا هڻندڙن جو جلسو ناڪام ٿي ويو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻهو غلام ناهن پر پيپلز پارٽي انهن جي پارٽي آهي جڏهن ته سونامي جا نعرا هڻندڙن جو جلسو ناڪام ٿي ويو نجي ٽي وي سان ڳالهائڻ دوران تحريڪ انصاف جي جلسي تي ردعمل ظاهر ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ 10 هزار ماڻهو به نه هئا ان کي جلسي جو نالو ڏيڻ به توهين آهي اها هڪ ڪارنر ميٽنگ هئي، هن چيو ته جلسي ۾ ماڻهو زبردستي آندا ويا تحريڪ انصاف ظالم ۽ قاتل وڏيري جي ديري تي جلسو ڪيو جنهن کي عوام رد ڪري ڇڏيو ۽ سونامي جا نعرا هڻندڙن جو جلسو بري طرح ناڪام ٿي ويو جڏهن ته پيپلز پارٽي ايندڙ اليڪشن ۾پهرئين کان به وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ڪا به عوام جي خيرخواهه پارٽي ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *