سومر کان باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ شيڊول طئي ٿي ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو شيڊول تيار ٿي ويو جنهن موجب سومر کان ڳالهيون شروع ٿينديون. بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي جائزي واري مشن ڊائريڪٽر ارنسٽوڙ ميريز ريگو جي سربراهي ۾ 29 اپريل تي پاڪستان پهچندو ۽ 7 مئي تائين پاڪستان ۾ ترسندو ان دوران مشن مختلف ادارن جو دورو به ڪندو نئين پروگرام لاءِ 29 اپريل کان ڳالهيون شروع ٿينديون ذريعن موجب ناڻي وزارت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي پيغام جاري ڪري ڇڏيو ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ايف بي آر سميت لاڳاپيل وزارتن کان ڊيٽا گهري ورتو ۽ جائزو وري مشن سان ڳالهين لاءِ 9 مهينن جي اقتصادي انگن اکرن تي ٻڌل ڊيٽا تيار ڪرڻ جون هدايتون به ڪري ڇڏيون آهن ناڻي وزارت جي هدايت تي ايف بي آر جي سمورن لاڳاپيل ونگز ڊيٽا تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي ٽيڪس امدني جي ڊي پي جي 13.2 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پاڪستان حڪومت 12.7 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ روينيو فريم ورڪ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي روينيو فريم ورڪ ۾ بجيٽ ۾ 729 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جون تجويزون غور هيٺ آهن ذريعن موجب آءِ ايم ايف جائزي واري مشن سان وفاقي بجيٽ لاءِ تجويزون ۽ بجيٽ اسٽريٽجي پيپر تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ايندڙ بجيٽ ۾ جي ڊي پي جي 1.4 سيڪڙو جي برابر ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان آهي بجيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي لاءِ ٽيڪس ۾ رليف به ڏنو ويندو ۽ بجيٽ ۾ 634 ارب رپيا ان لينڊ روينيو ۽ 95 ارب رپيا ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ جڏهن ته انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 334 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 150 ارب ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 150 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جون تجويزون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *