سول ۽ ملٽري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

ڊيووس (اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سول ملٽري لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڊيووس ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي ۽ اسان جمهوريت مان سک رهيا آهيون. هن چيو ته سول ملٽري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ٿي رهيو آهي۽ سمورا ادارا آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڊگهي عرصي کان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي عالمي برادري کي پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کي چين جي قيادت جي ون بيلٽ ون روڊ قدم جو حصو بنجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پاڪ  چين اقتصادي راهداري سان ڪيترن ئي ملڪن کي روزگار جا موقعا، صنعتي ترقي ۽ رابطن ۾ بهتري جي صورت ۾ وڏا فائدا پهچندا. هو خميس تي سوئزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاٿ فائنڊر گروپ پاران ناشتي تي ميٽنگ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستاني واپاري، ميڊيا جا نمائندا ۽ ڪيترن ئي ملڪن مان پاڪستان جا دوست به موجود هئا. وزيراعظم چيني قيادت کي ون بيلٽ ون روڊ قدم جي ويزن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان کي چيني قيادت جي ون بيلٽ ون روِڊ قدم جو حصو بنجڻ جو اعزاز حاصل آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ هڪ مثبت ۽ خوش آئيند موقعو آهي ۽ سمورن ادارن کي گڏجي ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 2013 ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪموت کي امن امان، دهشتگردي، بجلي جي کوٽ ۽ خراب معيشت جهڙا وڏا چئلينج سامهون هئا موجوده حڪومت جي سخت محنت ۽ پڪي پهه سبب امن امان جي صورتحال ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ ملڪ تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي بهال ڪيو ويو وزيراعظم چيو ته ڊيووس ۾ سندس ڪيترن ئي عالمي بزنس اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون آحن ۽ انهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *