سول ۽ فوجي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪابينا ۽ سلامتي ڪميٽي ڪافي نه آهن: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سول ۽ فوجي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪابينا ۽ سلامتي ڪميٽي ڪافي نه آهن، ماضي ۾ فوج جو پاسو ڳرو رهيو آهي، انتهاپسندي خلاف جنگ ۾  رڳو دهشتگردن کي مارڻ ڪافي ناهي، قوم جي حيثيت سان غلطين مان سبق نه سکيو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته ملڪي سلامتي کي خطرو آهي، پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي محاذن تي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ ميڊيا کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سياستدان پنهنجيون غلطيون تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا ٻيا به پنهنجي غلطيون تسليم ڪندا؟، ماضي جي غلطين مان سبق نه سکيو ته ايندڙ نسل ذميوار قرار ڏيندو. ميان رضا رباني چيو ته سڀني کي ملڪي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪرڻ پوندو، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي. سينيٽ چيئرمين جو اهو به چوڻ آهي ته انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ رڳو دهشتگردن کي مارڻ ڪافي ناهي. رضا رباني چيو ته سول ۽ فوجي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪابينا ۽ سلامتي ڪميٽي ڪافي نه آهن، ماضي ۾ سول ۽ فوجي لاڳاپن ۾ ملٽري جو پاسو ڳرو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *