سول ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن جي مالي معاونن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ مالي معاونن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ڳجهي ڄاڻ جي مٽا سٽا وارو نظام وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته امن امان ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هـَر ممڪن قدم کنيو ويندو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سڪيورٽي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊِي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصمه باجوا، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽  وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڪيورٽي صورتحال،  آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو.  ذريعن موجب، اجلاس ۾ افغانستان جي سڪيورٽي صورتحال، ان جي پاڪستان تي پوندڙ اثرن، افغان حڪومت ۽ افغان طالبان ۾ ڳالهين وارا معاملا به غور هيٺ آيا. ذريعن موجب، عسڪري عملدارن پاران اجلاس کي آپريشن ضرب عضب ۽ پاڪ-افغان سرحد جي سڪيورٽي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ذريعن موجب، اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ دهشتگرد، سندن سهولتڪارن ۽ مالي معاونن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ڳجهن ادارن ۾ انٽيليجنس نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته امن امان ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *