سول ملٽري لاڳاپن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو ڪندي 5 ڪمپنين جي آڊٽ جو به فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز تي گهرو وزارت بهترين انتظام ڪيا ۽ محسن پاڪستان کي گهرو وزارت سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، وزيراعظم جي هدايت هئي ته تدفين فيصل مسجد ۾ ڪئي وڃي پر گهر ڀاتين جي مرضي موجب ايڇ ايٽ ۾ تدفين ڪئي وئي. هن چيو ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 وڏين ڪمپنين جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو آهي، 88 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 47 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، ڊالر جيڪڏهن قانون طريقي سان افغانستان موڪليو ويو ته ان تي ڪسٽمز کي جاچ ڪرڻ گهرجي، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ گهرو وزارت ماتحت ناهي، اسان جو ڪم رڳو هولڊنگ آهي. شيخ رشيد پي ڊي ايم کي مخاطب ٿيندي چيو ته احتياط جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجي تاريخ جي حساس ترين وقت مان گذري رهيو آهي، پي ڊي ايم جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، ائين نه ٿئي جو انهن جي ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان ڪو مسئلو ناهي، جڏهن ته ٽرانسفر ٿيندي آهي معمول موجب ٿيندي آهي، سڀ معاملا ٺيڪ آهن، عمران خان 5 سال پورا ڪندو، سول ملٽري لاڳاپن تي فواد چوڌري ۽ پرويز خٽڪ جواب ڏئي سگهن ٿا. شيخ رشيد ٻڌايو ته وفاقي ڪابينه کي سمري موڪلي آهي جنهن ۾ افغانستان بابت چار سرحدي کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪيو وڃي جتي ايف آئي اي يا ڪسٽم موجود نه آهي، هن چيو ته طورخم ۽ چمن سرحد تي اسان جو عملو موجود آهي، تنهنڪري بين سرحدن کي به گهرو وزارت جي حوالي ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *