سول سروسز ۾ سڌارا اڌ صدي کان مدي خارج نظام ۾ تبديلي ۽ نئين روشن مستقبل لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سول سروسز ۾ سڌارا اڌ صدي کان مدي خارج نظام ۾ تبديلي ۽ نئين روشن مستقبل لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، ترقي جا معيار تبديل ڪيا ويا، ٽوئيٽر تي بيان ۾ هن چيو ته ماڻهن جي راضپي يا ڪنهن سياسي خاندان جي خدمت ڪرڻ ترقي جو معيار نه بڻجندي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ترقي جو معيار محنت، صلاحيت، عوامي خدمت ۽ عوام جي مسئلن جي حل سان ڳنڍيو ويو آهي، هن چيو ته آفيسرن جي ترقي هاڻ انهن جي ڪارڪردگي ۽ عوامي رليف سان لاڳاپيل آهي، وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي منشور تحت سول سروسز ۾ سڌارا آڻڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، هن چيو ته آفيسر شاهي اندر جزا ۽ سزا جو نظام آڻڻ جو قوم سان ڪيل واعدو پورو ٿي ويو آهي، هن چيو ته جيڪو ڪارڪردگي ڏيکاريندو ان کي ميرٽ تي پروموشن ڏنو ويندو ۽ سپورٽ ڪيو ويندو، هن چيو ته پروموشن ۾ وڃڻ کان اڳ ان جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، هن چيو ته 20 سال سروس جو هڪ بينچ مارڪ بڻايو ويو آهي، ان عرصي کانپوءِ سرڪاري ملازم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، ڪيترائي سول سروينٽس ترقي حاصل ڪري سگهندا، هن چيو ته سول سرونٽ ايڪٽ 1973 جي سيڪشن 13 تحت هي تبديليون ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *