سول اسپتال عمر ڪوٽ ۾ 60 ٻارن سميت 84 ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

عمرڪوٽ(رپورٽر) ميڊيا جي اک کان ڏور ڳوٺن ۽ صحت مرڪزن ۾ موت جي شرح ڇرڪائيندڙ ٿي سگهي ٿي. ٿرپاڪر جي 15 لک آبادي 60 لک چوپايو مال جڏهن ته عمرڪوٽ جي 2 لک آبادي ۽ 10 لک چوپايو مال جي گذر جو ذريعو برساتن تي آهي، ٿر واسين جو ڪک پن، ان پاڻي، شاديون مراديون، ميلا ملاکڙا ۽ مختلف تهوار ملهائڻ ۽ ان جي معيشت جو دارو مدار برساتن تي آهي. پر ٿر ۾ ڪجهه عرصي کان هر ٽئين سال ڏڪار ۽ هر ڏهين سال ڪارو ڏڪار پوي ٿو، جنهن جي ڪري ٿرپاڪر جي 40 سيڪڙو ۽ عمرڪوٽ جي 20 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن جو رخ ڪري ٿي، اهو اڙانگو سفر جتي ٿرين جو معيشت جو واحد ذريعو چوپايو مال متاثر ڪري ٿو ته اتي تعليم جي ميدان ۾ سڀ کان پٺتي رهيل  خطي جي ٻارڙن جي تعليم به متاثر ٿئي ٿي. ٿر جو مال وچڙندڙ بيمارين ساڻ ڪري بئراجي علائقن ۾ موجود مال کي پڻ اها ساڳئي بيماري تحفي ۾ ڏي ٿو. جنهن کان بچڻ لاءِ ٽڪن جو ڪوبه رواج ناهي. هڪ ٻيو الميو عورتن ۾ تعليم نه هجڻ ڪري ننڍي عمر ۾ شاديون، وقفي بنا ٻارن جي پيدائش، حمل کان وٺي ٻارن جي ڄم ۽ ان کان پوءِ ايندڙ درپيش مسئلن تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري ۽ حاملا عورتن ۽ کير پياريندڙ عورتن کي متوازن غذا نه ملڻ ڪري۽ذڪر ڪيل سمورن سببن ڪري ٻار ۽ ماءُ ڪمزور رهن ٿا. انڪري اهي آساني سان بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا. رهيل ڪثر صحت جي اڻ پورين سهولتن، بي ڌياني، ڪميشن جي لالچ ۾ ڪاسائي بڻيل ڊاڪٽر پوري ڪريو ڇڏين ۽ سوني تي سهاڳو اسان جا چونڊيل نمائيندا ۽ حڪومت آهن جيڪي حقيقتن کان اکيون ڦيريندي دفاع واري مورچي تي بيهيو رهن. هنن همراهن تي افسوس انهي ڪري سگهجي ٿو ته همراه خود کي قانون ساز سمجهڻ بجاءِ ترقياتي اسڪيمن جا ٺيڪيدار سمجهن ٿا. مسئلن جي حل جي لاءِ منصوبا تڏهن جڙي سگهندا جڏهن اسان وٽ انگ اکر موجود هوندا، پر اسان وٽ نه آدمشاري ٿئي ٿي نه وري مال شماري. مارچ جي مهيني کان وٺي اڄ تائين ضلع ٿرپارڪر ۾ صرف سول اسپتال مٺي ۾ 470 ٻار موت جو راڪاس ڳڙڪائي چڪو آهي. جڏهن ته صرف سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ ٽن مهينن دوران 84 ماڻهن جي ساهه جو سڳو ٽٽي ويو جن ۾ 60 اهي ٻارڙا هئا جن ته اڃا دنيا ڏٺي به ڪونه هئي. صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ مرڻ جا ڪارڻ پيدائش وقت گهٽ وزن، سيکڙو دائين پاران ويم دوران ناڙو سهي نه موڙڻ، پوري آڪسيجن فراهم نه ٿيڻ، ٻار ٻڏل هئڻ، کاڌي جي کوٽ، جهٽڪن جي بيماري، پيچيش، نمونيا ۽ ٻيا مختلف سبب ڄاڻايا آهن.  اهي انگ اکر تڏهن ڪاغذن مان ٻاهر نڪتا جڏهن سيشن جج سول اسپتال پهچي سموري معاملي بابت پڇاڻو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *