سوشل ميڊيا ناڪاري پر افواهه ختم ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي: ڪنگنا رناوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت چيو آهي ته سوشل ميڊيا پنهنجو موقف چٽو ڪرڻ ۽ افواهن کي رد ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪنگنا چيو ته هوءَ سوشل ميڊيا تي سرگرم نه آهي، جڏهن ته اهو هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي ،جنهن تي توهان افواهن ۽ غلط فهمين تي پنهنجو موقف چٽو ڪري سگهو ٿا. سوشل ميڊيا کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائيندي ڪنگنا رناوت چيو ته هوءَ ناڪاري شين کان پري رهندي آهي، ان لاءِ هو ان تي سرگرم نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *