سوشل ميڊيا صارفين شهروز ۽ سائرا کان معافي وٺن: انوشي اشرف

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار شهروز سبزواري ۽ سندس زال سائرا شهروز ۾ عليحدگي جون خبرون ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا توڙي ملڪي ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن. شروعاتي طور تي خبرن کي افواهه قرار ڏنو ويو هو جڏهن ته پوءِ پاڻ شهروز سبزواري زال کان عليحدگي جي تصديق ڪئي هئي. شهروز اهي الزام به رد ڪيا هئا ته سندس ماڊل صدف ڪنول سان لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته ٻنهي وچ ۾ طلاق ناهي ٿي پر هو 6 مهينن کان ڌار آهن. ٻنهي جي عليحدگي سبب بحث جاري هو ۽ شهروز سبزواري به وڊيو بيان ۾ ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو ٻئي پاسي اداڪارا ۽ ماڊل انوشي اشرف به ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. انوشي اشرف پنهنجي هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ سائرا ۽ شهروز سبزواري جي عليحدگي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پکڙيل خبرن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته فنڪار جي حيثيت سان اهڙين خبرن تي دلي تڪليف ٿيندي آهي. هن سائرا ۽ شهروز جي تصوير شيئر ڪندي سوشل ميڊيا صارفين کان مطالبو ڪيو ته هو شهروز ۽ سائرا کان معافي وٺن. ماڊل چيو ته سوشل ميڊيا صارفين کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هر ڪنهن جي پنهنجي ذاتي زندگي به هوندي آهي ۽ هر ڪنهن جا ٻار ۽ گهرڀاتي هوندا آهن جيڪي اهڙين خبرن تي مختلف رد عمل ڏئي سگهن ٿا. فنڪار جي حيثيت سان کيس اندازو آهي ته سندس زندگي ذاتي ناهي ۽ هو هڪ عوامي شخصيت آهي جڏهن ته پوءِ به هر ڪنهن جي ذاتي زندگي هوندي آهي ۽ ان جي ذاتي زندگي جو خيال رکڻ گهرجي. ڪوڙيون خبرون ۽ افواهه ڪنهن به فنڪار جي ذهني صحت تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. ماڊل سائرا ۽ شهروز سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻئي پنهنجي پسند موجب بهتر فيصلو ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *