سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي عزتن سان کيڏيو پيو وڃي. پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو. فواد چوڌري ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي عزتن سان کيڏيو پيو وڃي. پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو. هن چيو ته قانون کي بهتر ڪريون پر اهو چوڻ ته ڪو قانون نه هجي يا اهڙو قانون هجي جيڪو لاڳو نه ٿي سگھي بي تڪي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته اهو سياسي نه سماجي معاملو آهي. سياسي جماعتن کي ميڊيا سڌارن لاءِ گڏ ٿيڻ گھرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *