سورج برجاتيه ۽ سلمان خان فلم ”پريم رتن ڌان پايو“ خاندان سان گڏ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ڇڏي

ممبئي : بالي ووڊ هدايتڪار سورج برجاتيه ۽ سلمان خان پنهنجي نئين فلم پريم رتن دهان پايو خاندان سان گڏ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ورتي، سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق سلمان خان جي فلم ”پريم رتن دهان پايو“ ڏسڻ لاءِ ايڊوانس بڪنگ 2 ڏينهن شروع ٿي وئي آهي، فلم جي هدايتڪار برجاتيه ۽ اداڪار سلمان خان پنهنجي خاندان وارن سان گڏ فلم ڏسڻ لاءِ فلم جي رليز جي ڏينهن 4 وڳي جي شو ۾ ممبئي ٿيٽر ۾ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ورتي آهي، سيڪيورٽي سبب ان حوالي سان وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه نه ڪيو ويو آهي، ٻنهي خاندان وارن چيو آهي ته اها فلم عام مداحن وانگر ڏسڻ اينداسين، ان لاءِ اها ٽڪيٽ خريدڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڄاڻايل فلم 12 نومبر تي رليز ٿيندي، جنهن ۾ سلمان خان، سونم ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *