سوا ڪروڙ عورتون رجسٽرڊ ئي نه ٿينديون ته شفاف اليڪشن ڪيئن ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته سو ڪروڙ عورتون رجسٽرڊ نه ٿينديون ته شفاف اليڪشن ڪيئن ٿيندي، عورتن کي رجسٽرڊ ڪرائڻ سياسي پارٽين جو ڪم آهي، سهولتون نه هونديون ته عورتون ۽ معذور ماڻهو ووٽ وجهڻ نه ويندا، اميد آهي ته ميمبرز جي مقرري جو مسئلو حڪومت ۽ اپوزيشن جلد حل ڪري وٺنديون، هڪ صوبي ۾ 10 مهينن کان مڪاني اليڪشن تي اسٽي آرڊر آهي، اليڪشن ڪميشن مڪاني اليڪشن لاءِ تيار آهي، جمعي تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ايترو ميچيوئر ٿي چڪو آهي جو فافن جي آربزويشن ۽ تنقيد تي ان کي پنهنجو پارٽنر سمجهي ٿو، هن چيو ته فافن جي سفارش تي اليڪشن ڪميشن ۾ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويو آهي، آبادي جي تناسب سان نمائندگي تي غور ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪابينا آسٽريليا ۾ مقبول پارٽيون حڪومت ۾ نه اچي سگهيون، سياسي پارٽين کي درخواست ڪندس ته اسان سان سهڪار ڪن، هن چيو ته اليڪشن 2018 کان اڳ 43 لک ووٽر عورتن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو، خدشو آهي ته اڻ رجسٽرڊ ووٽر عورتن جو انگ وڌي نه وڄي، هن چيو ته عورت ووٽر جي رجسٽريشن لاءِ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سياسي پارٽين پاران ووٽر عورتن بابت تعاون جي کوٽ آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017 جي تياري جو حصو رهيو، سياسي پارٽين ايڪٽ جي تياري ۾ بهتري ڪردار ڪيو، اليڪشن ايڪٽ 2017 به آخري حرف نه آهي، ان ۾ به آپريشنل اشوز موجود آهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ايڪٽ ۾ خودمختيار بڻايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي خودمختياري کي پسند نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته سياسي پارٽين جي سهڪار سان ان مسئلي کي حل ڪنداسين، 2018 جي اليڪشن ۾ ريٽرنگ آفيسرن لاءِ هڪ هزار ڪمپيوٽر جاپاني حڪومت ڏنا، هن چيو ته اليڪشن رپورٽ جو جائزو وٺي پارليامينٽ کي سفارشون پيش ڪيون آهن، 30 ضلعن ۾ عوام ۽ ميڊيا سان صلاح مشورا ڪري سفارشون تيار ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *