سوارا ڀاسڪر ڪردار ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ لاءِ جاڳي اکين مٿان ڪارا داغ ڪري ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر پنهنجي ايندڙ فلم ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ لاءِ ننڊ نه ڪئي ۽ سندس اکين مٿان ڪارا داغ ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا مطابق فلم” نل بيٽي سناٽا“ جي ڪجهه منظرن ۾ سوارا جي اکين مٿان ڪاراداغ هجڻ لازمي هو ۽ ان کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ هدايتڪار ايشوني ليئر کيس گهڻي دير سمهڻ کان روڪي ڇڏيو، هدايتڪار جو چوڻ هو ته فلم ۾ مان سوارا جي ڪردار ۾ ڪجهه موقعن تي ڪارا داغ ڏسڻ پئي چاهيا، هن ٻڌايو ته جڏهن سوارا مونکي پنهنجي شيڊول بابت ٻڌايو ته مون کيس چيو ته جيڪڏهن هوءَ اڌ رات جو ننڊ ڪرڻ بنا منظر فلمائي ته حقيقي لڳندا، جنهن تي هوءَ به راضي ٿي وئي،تنهنڪري فلم ۾ سوارا جي اکين جي مٿان جيڪي ڪارا داغ نظي ايندا، اهي حقيقي هوندا، ان حوالي سان سوارا ڀاسڪر جو چوڻ هو ته فلم انڊسٽري پيشيور ادارو آهي ۽ اتي پنهجي ڪم جي حوالي سان هر ڳالهه مڃڻي پوي ٿي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *