سوات ۾ گهر مٿان پهاڙي ڇپ ڪري پئي، ماءُ ۽ 4 ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت

سوات ( ويب ڊيسڪ ) پاٽين بانڊه مٽلتان ۾ پهاڙي ڇپ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب سوات جي علائقي پاٽين بانڊه مٽلتان ۾ گهر مٿان پهاڙي ڇپ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون ۽ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن ۾ ماءُ ۽ 4 ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته گهر جو سربراهه سخت زخمي ٿي پيو آهي، حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاشن ۽ زخمي کي ملبي هيٺان ڪڍي اسپتال پهچايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *