سوات کان لاهور ويندڙ مسافر بس اٽڪ ويجهو حادثي جو شڪار، 13 مسافر فوت، 20 زخمي

اٽڪ ( ويب ڊيسڪ ) سوات کان لاهور ويندڙ مسافر بس اٽڪ ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 13 مسافر فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۽  فوتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، بس براهمه انٽرچينج وٽ روڊ تي ترڪڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي. حادثي جو شڪار ٿيندڙ بس ۾ 59 مسافر سوار هئا، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *