سهراب ڳوٺ ۾ پوليس مقابلو، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس سهراب ڳوٺ جي علائقي ۾ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ملير رائو انوار مجب ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر جي ڀرسان دهشتگردن جي موجودگي ڇاپو هنيو ويو ته علائقي ۾ موجود جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي جنهن کانپوءِ وڌيڪ نفري کي طلب ڪيو ويو جڏهن ته انهيءَ دوران پوليس ۽ جوابدار ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. رائو انوار موجب ٽارگيٽ آپريشن ۾ 400 اهلڪارن حصو ورتو جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جن جي قبضي ۾ آپگهاتي جيڪٽس، بارودي مواد ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن جوابدارن ڪيترن ئي ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا. هن چيو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *