سن ويجهو 4 گاڏين وچ ۾ ٽڪر، هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي فوت، 22 زخمي ، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڄامشورو(ڊ.ر) سن ڀرسان شالماڻي اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ وين ۾ آمهون سامهون ٽڪر لڳڻ کان پوءِ وين گڏهه گاڏي ۽ سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي ۽  ڪلٽيون کائي اونڌي ٿي پئي، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽيهن سالن جو غلام مرتضى شاهاڻي سندس زال عالمي ۽ سندس ٻه پٽ ٻن سالن جو عامر شاهاڻي ۽ ڏيڍ سال جو عمران ٿڏي تي فوت ٿي ويا، .جڏهن ته زخمين ۾ گڏهه گاڏي تي سوار گل بهار چانڊيو سندس ڀاءُ علي بهار  ڪار ۾ سوار سيد اشرف شاهه راشدي وين ۾ سوار امداد علي نارائي 50 ورهين جو بخشڻ جوڳياڻي کوسو سميت 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا باقي زخمين کي طبي امداد ڏئي روانو ڪيو ويو..سمورن زخمين ۽ فوتين کي سن اسپتال پهچايو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، هڪ زخمي گل بهار چانڊيو جي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. گڏهه گاڏو مڪمل تباهه ٿي ويو ۽ ٻه گڏهه پڻ مري ويا، ڳوٺاڻن همت ڪري زخمين ۽ فوتين کي گاڏين مان ٻاهر ڪڍيو، فوتين جا وارث سن اسپتال مان فوتين جي لاشن جي پوسٽ مارٽم بعد لاش اباڻي ڳوٺ جيئندو شاهاڻي کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، گاڏيون وچ روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رهيو، جنهن جي ڪري روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافر پنهنجي منزل طرف وقت تي پهچي نه سگهيا، ڇڇر ايٽ سن پوليس پهچي گاڏين کي روڊ کان هٽائي ٽريفڪ بحال ڪرائي. بعد ۾ سن ٿاڻي تي کڻائي آيا .وين ۽ ڪار جو ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، سن ٿاڻي تي آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه ٿي سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *