”سنگهه از بلنگ” جي گاني ”سينيما ديکهي ماما” جو وڊيو جاري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”سنگهه از بلنگ” جي گاني ”سينيما ديکهي ماما” جو وڊيو جاري ٿي ويو. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق بالي ووڊ فلم ”سنگهه از بلنگ” جو اهو گانو مزاحيه نموني جو آهي جنهن ۾ فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار ڪندڙ اڪشي ڪمار ۽ ايمي جيڪسن ديسي لباس پائي بيٺا آهن. اهو گانو واجد، شان ۽ ريتو پاٽڪ ڳايو آهي. گاني جا موسيقار ساجد واجد، شان ۽ ريتو پاٽڪ آهن گاني جي شاعري واجد ۽ عرفان ڪمال لکي آهي. فلم 2 آڪٽوبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *