سنڌ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ امن بحال ٿي ويو آهي: قائم علي شاهه

لاڙڪاڻو(اي پي پي) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي عيدالاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي. ان بعد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيِٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان بعد وزير اعليٰ سنڌ عام ماڻهن سان عيد  ملي ۽ انهن سان گڏجي ماني پڻ کاڌي، ماڻهن ۾ رلي ملي ويو ۽ انهن کان حال احوال وٺندو رهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ چيو ته اڄ اسين عيدالعضحيٰ ملهائي رهيا آهيون ۽ هتي آءُ پنهنجي شهيد اڳواڻن کي سلام پيش ڪرڻ آيو آهيان ۽اها عام ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ جيڪي حالات آهن اسان جي ۽ اسان جي اڳواڻن جي انهن تي گهري نظر آهي ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته حالات کي وڌيڪ بهتري طرف وٺي وڃون ۽ جيڪي مشڪلات آهن انهن کي ختم ڪجي،نارٿ وزيرستان، ٽرائيبل ايرياز ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ملڪ کي تشويش هئي جنهن جي ڪري چيف آف آرمي اسٽاف وڏي همت ۽ حذبي سان اهو فيصلو ڪيو ته پوري ملڪ ۾ آپريشن ٿيندو، خاص ڪري ٽرائيبل ايريا ۽ نارٿ وزيرستان ۾ جيڪو دهشتگردن جو ڳڙهه آهي. سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرس سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪافي حد تائين بهتري آئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ رينجرز ڪافي وقت کان آهي آپريشن جي سلسلي ۾ جڏهن وزيراعظم آيو ته فيصلو ڪيو ويو ته رينجرز چئن ٽاسڪ تي ڪم ڪندي جنهن سان پوليس پڻ هوندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان امن امان بهتر ٿيو آهي ۽ ان ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جو پڻ اهم ڪردار آهي ۽ هن وقت سنڌ ۾ اٽڪل 80 سيڪڙو کان وڌيڪ امن امان ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني سان اسان امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ۽ اڄ توهان ڏسي رهيا آهيون ته ڪراچي، حيدرآباد توڙي سموري سنڌ ۾ عيدون،يوم دفاع توڙي ٻيا ايونٽ ملهايا ۽ ماڻهن مختلف تفريحي گاهن ۾ وڃي تفريح ڪئي ۽ لطف اندوز ٿيا. هن چيو ته هاڻي اغوا اٽڪل زيرو ٿي وئي آهي جيڪا حڪومت جي ڪارڪردگي آهي. ان کان وڌيڪ حڪومت ڇا ڪري. هن چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ اڃا به ٿيندا انهن ۾ صحت، تعليم، ورڪس، ڪلچر وغيره وغيره ۾ بهتري آئي آهي ۽ اڃا به ايندي ۽ سڪون وڌندو، ان لاءِ حڪومت ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي. هن چيو ته لوڪل باڊيز اليڪشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ خير خوبي سان ٿي ويندي جنهن ۾ انشاءَ الله پاڪستان پيپلز پارٽي سوڀاري ٿيندي. هن چيو ته اسان جيڪو رينجرس کي مينڊيٽ ڏنو آهي ان ۾ جيڪڏهن ان کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي ضرورت پئي ته پارٽي جي ميمبرن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي ويندي، هونءَ به اسان کي هڪ ٻه قانون آڻڻو آهي. هن چيو ته خير پختونخواهه ۾ ڪرپشن جي سلسلي ۾ قانون ٺاهيو آهي اينٽي ڪرپشن صوبائي سبجيڪٽ آهي ته ان تي قانون سازي ڪري عمل به ڪرائي سگهجي ٿو پر اهو جيڪو چيو وڃي ٿو ته صرف سنڌ ۾ ڪرپشن آهي مان سمجهان ٿو ته اهو صحيح نه آهي. هن چيو ته مان ڪنهن به صوبي جو نالو نه وٺندس پر ڪرپشن ٻئي هنڌ به آهي جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته خيرپختونخواه حڪومت ڪرپشن لاءِ نئون قانون ڇو ٺاهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس جي انويسٽيگيشن ٿي رهي آهي ۽ ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ڊاڪٽر عاصم ايڇ اي سي جو چيئرمين هو ۽ ڊاڪٽرس ايسوسئيشن جو چيئرمين رهيو آهي،هن جي پنهنجي ذاتي حيثيت آهي پر ان متان ڪو ڪرائيم آهي ته ڪورٽ ۾ چالان ٿي سگهي ٿو ان جا 2 حصا آهن جيڪڏهن ڪرپشن جي ڳالهه آهي ته پوءِ ان تي انڪوائري سنڌ حڪومت کي ڪرڻي پوندي جيڪڏهن ڪو سيريس ڪرائيم آهي ته رينجرس ۽ پوليس انويسٽيگيشن ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *