سنڌ ۾ 5 هنڌن تي 20 – 20 ميگاواٽ جي سولر پلانٽن جا مختلف ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا ويا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول فيلڊ ۾ وڏي پيئماني تي ڪول مائيننگ جي لاءِ 5 ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ليز ڏني وئي آهي. سنڌ ۾ 5 جاين تي 20 – 20 ميگاواٽ جا سولر پلانٽن لاءِ مختلف ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا ويا آهن. اهڙو اظهار  هن ڪالهه اڱاري ڏينهن اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وٿي دوران ڪيترن ئي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ٿر ڪول جي بلاڪ نمبر هڪ جي ليز سنڌ سينو ريسورسز (پرائيويٽ) لميٽيڊ کي ڏني وئي آهي. هي بلاڪ 122 چورس ڪلوميٽرن تي آهي. مذڪوره ڪمپني 900 ميگاواٽ پاور پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ منصوبا بندي ڪئي آهي ۽ 5. 99 چورس ڪلوميٽرن جي بلاڪ 2 جي ليز سنڌ اينگرو مائيننگ ڪمپني کي ڏني وئي آهي. اها ڪمپني 600 ميگاواٽ جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿي. 159. 66 چورس ڪلوميٽر جي بلاڪ 6 جي ليز سنڌ ڪاربن انر جي پرائيوٽ لميٽيڊ کي ڏني وئي آهي. اها ڪمپني 300 ميگاواٽ پاور پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿي ۽ وڌيڪ ٻن بلاڪن جي ليز به ڏني وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پنجاب ۾ پاور پلانٽ لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو هو، اهو ناقابل عمل منصوبو هو ڇو ته پنجاب ۾ ڪوئلو ناهي، ٿر مان ڪوئلو پنجاب کڻي وڃڻ سولو ناهي پوءِ وفاقي حڪومت گڊاني ۾ پاور پلانٽ لڳائڻ جو منصبو تيار ڪيو. ان منصوبي تي سنڌ کي سخت خدشا هئا ڇو ته گڊاني ڪراچي کان صرف 20 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، ڪراچي تي ماحولياتي اثر پئجي سگهن ٿا، اهو منصوبو به ختم ٿي ويو. پاڪستان جو مستقبل ٿر سان لاڳاپيل آهي، اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن موجب ڪيٽي بندر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکيو آهي ته لاکڙا ڪول پاور پلانٽ سنڌ جي حوالي ڪيو وڃي ڇو ته پاور پلانٽ جي لاءِ جيڪو ڪوئلو استعمال ڪيو پيو وڃي، اهو سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير ٻڌايو ته 2008 کان 2012 تائين سنڌ جي 3736 ٻهراڙين کي بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. وڌيڪ 552 ٻهراڙين کي بجلي جي فراهمي جي لاءِ سنڌ حڪومت فنڊ مهيا ڪري ڇڏيا آهن، هن سال جي آخر تائين انهن ٻهراڙين کي به بجلي ملي ويندي. حيسڪو ۽ سيپڪو جي طرفان ڪم جي رفتار سست آهي، اهي وفاقي حڪومت جا ادارا آهن، اسان وفاقي حڪومت سان ڳالهه ڪنداسين، جن ڪمن جي لاءِ سنڌ حڪومت پيسا ڏئي چڪي آهي اهي ڪم مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته گيس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي نوڪريون نٿيون ڏين، ان حوالي سان به وفاقي حڪومت سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ 5 جاين تي 20 – 20 ميگا واٽ جا سولر پاور پلانٽ لڳائڻ جا ٺيڪا ڏئي ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *