سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 19 مريض فوت، 1648 نوان ڪيس سامھون آيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 19 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1648 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 338 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ اڱاري ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16364 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1648 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 10.1 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 19 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5756 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح  1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين گڏيل طور تي 4824048 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 359807 ڪوويڊ ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 338 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 321431 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 89.4  سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 32620 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 31513 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 1036 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 71 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 975 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 64 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 1648 ڪوويڊ ڪيسن مان 1366 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچيءَ ۾ 487، ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 279، ڪورنگي ۾ 192، سينٽرل ڪراچيءَ ۾ 177، ملير ۾ 155، حيدرآباد ۾ 81، اولھھ ڪراچيءَ ۾ 76، دادو ۾ 20، بدين، ڄامشورو ۽ عمرڪوٽ ۾ 18-18، سانگھڙ ۾ 15، نوشھروفيروز ۾ 13، ٿرپارڪر ۽ ٺٽي ۾ 12-12، سکر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 10-10، ٽنڊو الھيار ۾ 9، ڪشمور ۾ 7، ميرپورخاص ۽ نوابشاھھ ۾ 4-4، گھوٽڪي ۽ مٽياريءَ ۾ 2-2 ۽ جيڪب آباد ۾ ھڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *