سنڌ ۾ گورنر راڄ کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ميان صاحب! گهڻو ٿاٻڙيا آهيو، ڪٿي ائين نه ٿئي پاڻ کي سنڀالي نه سگهو: ڪائره

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي اطلاعات واري سيڪريٽري قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته آصف علي زرداري جي تقرير تي طوفان برپا ڪيو ويو آهي، هـُن رڳو ادارن کي ايترو چيو ته پنهنجي مينڊيٽ کان ٻاهر نه وڃو، سنڌ ۾ گورنر راڄ کان نه ڊڄڻ وارا هئاسين ۽ نه ئي هاڻي خوف آهي، ميان صاحب! گهڻو ٿاٻڙيا آهيو، ڪٿي ائين نه ٿئي پاڻ کي سنڀالي نه سگهو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪرپشن جو گوڙ ڪندڙ ٻڌائين، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪجهه نه پيو ٿئي، ڇا قومي احتساب بيورو ڪرپشن کان پاڪ آهي؟. هن چيو ته سوال آهي ته آصف زرداري ڇا چيو ۽ ڇو چيو، زرداري جي تقرير جو منظر ڏسڻ کانسواءِ ڳالهيون ڪيون ويون، پ پ جي شريڪ چيئرمين فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي. هن چيو ته آصف زرداري ادارن کي چيو ته مينڊيٽ کان ٻاهر نه وڃو، ڪنهن غور نه ڪيو ته آصف زرداري اهڙي تقرير ڇو ڪئي. سندس چوڻ هو ته اپيڪس ڪميٽين جي حمايت ڪري مسئلن جو حل ڪڍيو پيو وڃي، پ پ شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين ادارن جو بچاءُ ڪيو آهي. قمر زمان ڪائره چيو ته آمرن جمهوريت کي نقصان پهچايو، ڪو ادارو دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته اتي ڪرپشن نه آهي، ڇا قومي احتساب بيورو ۾ ڪرپشن نه پئي ٿئي. پ پ اڳواڻ چيو ته جنرلن سپريم ڪورٽ وڃي پ پ مخالف قدمن جو اعتراف ڪيو، آصف زرداري تي تنقيد ڪندڙ پنهنجي ڪردارن تي نظر ڊوڙائين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي تي به پ پ فوج تي اعتراض نه واريا، ڪيئن سمجهيو پيو وڃي ته آصف زرداري فوج خلاف ڳالهايو . قمر زمان ڪائره چيو ته هُــو سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳڻ کان ڊڄڻ وارا نه آهن، رڳو سنڌ ۾ ڪرپشن جو گوڙ ڇو پيو ڪيو وڃي. پ پ اڳواڻ چيو ته ادارن کي ميڊيا جي ذريعي نه ڳالهائڻ گهرجي، ذوالفقار مرزا کي پوليس گرفتار ڪرڻ وئي ته ڪنهن بچايو، پ پ نظام کي بچائڻ لاءِ بار بار سهارو ڏنو آهي، ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ڪائره چيو ته پ پ ڪنهن به ڪرپٽ شخص کي سپورٽ نه ڪندي، ن ليگ هميشه ادارن سان جهيڙو ڪيو آهي، هو مارشل لا ۽ آمريت کان به نٿا ڊڄن. قمر زمان ڪائره وزير اعظم نواز شريف سان مخطاب ٿيندي چيو ته ميان صاحب! گهڻو ٿاٻڙيا آهيو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو پاڻ کي سنڀالي نه سگهو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *