سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مخالفت، سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اهو ميثاق جمهوريت جي ابتڙ آهي: شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اهو ميثاق جمهوريت جي ابتڙ آهي، پارليامينٽ جي محافظن کي نقصان پهتو ته چيو ويندو گهر کي باهه لڳي وئي گهر جي چلهه مان، هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ماضي جي تجربن جي روشي ۾ پنهنجو نظريو پيش ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته انهن حالتن ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جمهوريت ۽ معيشت جي مفاد ۾ نه آهي، اقتدار لاءِ غير يقيني صورتحال صورتحال پيدا ڪرڻ وارن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هر ميمبر باوقار ماڻهن جو چونڊيل آهي، اهو ضمير موجب پنهنجي فيصلي فيصلي ڪرڻ جو پابند آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *