سنڌ ۾ گرمي وڌيڪ 114 ماڻهون ڳڙڪائي وئي، انگ 900 کان وڌي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گرمي وگهي وڌيڪ هڪ سئو ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ انگ وڌي 856 ٿي ويو آهي، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ اڄوڪي ڏينهن ۾ 14 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ انگ 62 کان وڌي ويو آهي. ڪراچي ۾ پنجين ڏينهن به گرمي جو زور نه ٽٽو آهي رات 12هين کان هن وقت تائين مختلف اسپتالن ۾ هڪ سئو ماڻهن جون حياتيون کسجي ويون. ڪورنگي جي سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ 14 ماڻهن دم ڏنو جڏهن ته سنڌ گورنمينٽ نيو ڪراچي جي اسپتال ۾ 8 ماڻهن جي ساهه جو سڳو ٽٽي ويو. جناح اسپتال ۾ 59 ۽ سول اسپتال ۾ 15 ماڻهن دم ڏنو. گرم سبب لياقت آباد جي اسپتال ۾ 6 ماڻهن دم ڏنو. قهر جي گرمي دوران 5 ڏينهن دوران رڳو ڪراچي ۾فوتين جو انگ وڌي856 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ داخل سوين ماڻهن مان ڪيترن ئي ڄڻن جي حالت خراب هجڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ گرمي سٽيل  497 ،سول اسپتال ۾ 96، عباسي شهيد اسپتال ۾84، لياري جنرل اسپتال ۾ 22 ، ڪورنگي اسپتال ۾ 2 ڄڻا، سعود آباد اسپتال ۾ 3،سنڌ ميڊيڪل اسپتال لياقت آباد ۾ 31 ڄڻا ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪيترائي ماڻهو گرميءَ جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. گرمي سٽيل سوين ماڻهن کي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي اسپتالن ۾ مريضن کي داخل ڪرڻ جي گنجائش پڻ نه رهي آهي. حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ لطيف آباد 6 واسي اڪبر، لطيف آباد 12 جو شهزاد، گول بلڊنگ واسي منور، گرو نگر واسي عبدالڪريم ۽ ڪوٽڙي واسي معظم علي فوت ٿي ويا. حيدر آباد جي مختلف علائقن ۾  وڌيڪ 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پنجن ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 29 ٿي ويو آهي. ٺٽي جي سول اسپتال ۾ 62 ورهين جو محمد حسن پٽيل ۽ ڳوٺ امام بخش ۾ مسمات آمي مڱڻهار دم ڏنو. جاتي جي وارڊ نمبر چار ۾ گرمي سبب پيرسن محمد اسلم تهمور فوت ٿي ويو. سيراڻي ۾ گرمي سبب 2 عورتون اسپتال داخل ڪيون ويون جن رات دير سان دم ڏنو. پڊ عيدن جي ڳوٺ چيهو ۾ 60 ورهين جو نظر مڱڻهار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٺل جي چانڊاڻ ڳوٺ ۾ 60 ورهين جي نواب خاتون ٻرڙو حياتي وڃائي ويٺي. ٺارو شاهه جي وارڊ نمبر ۾ ٻه ۾ 22 ورهين جي شبنم سومرو ۽ 30 ورهين جي خاتون سولنگي فوت ٿي ويون جڏهن ته مختلف علائقن ۾ پنج ماڻهو بيهوش ٿي ويا. ڇاڇري جي مختلف علائقن ۾ عورتن سميت 12 ماڻهو گرمي سبب بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال  منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *