سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت برقرار، بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ ناسور بڻيل

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ۾ شاندار ڪاميابي ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ جي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ زبردست انٽري جي سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چرچا عام آهن نه صرف قومي رانديگر پر مشهور فنڪار به ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شاهينن جي زمبابوي جي خلاف ڪاميابي کان پوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گرما گرمي آهي، قومي فنڪار ۽ ڪرڪيٽر پنهنجي جذباتن جو اظهار ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا مشهور ڳائڻي رابي پيرزاده به شاهينن جي ڪاميابي تي تمام خوش آهي ۽ ٽيم کي مبارڪ جو پيغام ڏنو، ان کاو علاوه مشهور ماڊل مهرين سيد شعيب ملڪ جي دوهاندار سينچري جي تعريف ڪئي، گرين شرٽس جي اسٽار فاسٽ بالر سهيل تنوير به زمبابوي ٽيم کان ڪاميابي تي قومي ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، پاڪستاني ٽيم جي نوجوان بيٽسمين نعمان انور به ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ شعيب ملڪ جي شاندار ڪم بيڪ جي تعريف ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *