سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 41 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2275 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (21 جون 2020) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 24 ڪلاڪن دوران 13890 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 2275 ڪورونا جا مريض سامھون آيا اھڙي ريت 17 سيڪڙو نتيجو مثبت آيو آھي، جڏھن تھ وڌيڪ 41 مريضن ان وائرس وگھي دم ڏنو، اھڙي طرح فوتين جو انگ 1089 ٿي ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ پاڪستان ۾ اسانجي ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش سڀني کان وڌيڪ آھي ۽ اسان صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گھڻي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. اھا ڳالھھ ھن آچر ڏھاڙي سي ايم ھائوس مان جاري ھڪ بيان ۾ ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13890 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 2275 نوان ڪيس ظاھر ٿيا. ھن چيو تھ انگن اکرن جي نتيجي ۾ 17 سيڪڙو سراسري ڏيکاري وئي آھي جيڪا گذيل ھڪ ھفتي دوران گھٽ آھي اڳ جيئن 21کان 24 سيڪڙو وارا نتيجا سامھون آيا. ھن وڌيڪ چيو تھ اھو چونڊيل علائقن ۾ ڪيل لاڪ ڊائون جو نتيجو ٿي سگھي ٿو. سيد مراد علي شاھھ ٻڌايو تھ سموري سنڌ ۾ ھن وقت تائين 378849 ٽيسٽ ڪيا ويا آھن جن مان 69628 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آھن اھڙي ريت نتيجو 18.4 سيڪڙو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪورونا وائرس جا گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 41 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آھن ۽ ڪووڊ19 ڪارڻ فوت ٿيلن جو انگ 1089 ٿي ويو آھي ۽ ان حساب سان 1.5 سيڪڙو شرح بڻجي ٿي. ھن چيو تھ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 2166 مريض صحتياب ٿيا ۽ عام زندگي گذارڻ ڏانھن قدم وڌايو آھي ۽ ھاڻ صحتياب مريضن جو انگ 36278 ٿي ويو آھي جيڪو 52.2 سيڪڙو تناسب آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ رب سائين جي مھربانيءَ سان صحتيابي واري شرح 52.2 سيڪڙو ۽ فوت ٿيڻ جي شرح 1.5 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آھي پر پوءِ بھ اسانکي پنھنجي صحت جون خدمتون مستحڪم ڪرڻ گھرجن ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ لاءِ ماڻھن کي راضي ڪندي پنھنجي صحتيابيءَ واري شرح کي بھتر بڻائڻو آھي ۽ فوت ٿيڻ واري شرح کي گھٽ ڪرڻو آھي. بيان مطابق ھن وقت 32261 مريض علاج ھيٺ آھن، انھن مان ڪورونا جا 30705 مريض سندن گھرن اندر، 48 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 1508 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج ھيٺ آھن. وڏي وزير چيو تھ مونکي اھو ٻڌائيندي افسوس ٿي رھيو آھي تھ اسان جا 718 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي، انھن مان 117 ماڻھو وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ 2275 نون ڪيسن مان 1280 ڪراچي شھر ۾ رپورٽ ٿيا آھن. ضلعي وار ڪيس جا انگ اکر بابت آگاھي ڏيندي سيد مراد علي شاھھ ٻڌايو تھ ضلعي اوڀر ڪراچيءَ ۾ 395، ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 363، ضلعي وچ ڪراچيءَ ۾ 172، ڪورنگيءَ ۾ 140، ضلعي اولھھ ڪراچيءَ ۾ 111، ملير ۾ 99، گھوٽڪيءَ ۾ 74، سکر ۾ 72، خيرپور ۾ 64، حيدرآباد ۾ 63، ميرپورخاص ۾ 38، شڪارپور ۾ 38، شھيد بينظيرآباد ۾ 36، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ 33، ٺٽي ۾ 28، لاڙڪاڻي ۾ 24، ڄامشورو ۾ 13، نوشھروفيروز ۾ 12، عمرڪوٽ ۾ 11، ٽنڊوالھيار ۾ 10، مٽياريءَ ۾ 6، دادو ۾ 6، قمبر-شھدادڪوٽ ۾ 3، سجاول ۾ 2 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 2 وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سنڌ جي عوام تي زور ڀريو آھي تھ اھي چونڊيل لاڪ ڊائون جو احترام ڪن ۽ غيرضروري طور تي سندن گھر کان ٻاھر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ھن چيو تھ عالمي وباءَ کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي لازمي عمل ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *