سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جا 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جا 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صحت کاتي جي اختيارين ڊوز خراب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ڪورونا کان بچاء واري ويڪسين سائينو فارم جا 17 هزار 675 ڊوز ضايع ٿي ويا، سائينوويڪ جا 22 هزار 675، اسٽرازينيڪا جا 23 هزار 96 ڊوز ضايع ٿيا جڏهن ته فائزر ويڪسين جا هڪ هزار 178، ڪين سائينو جا 2 هزار 675 ڊوز استعمال جي قابل نه رهيا. ڪين سائينو جا 2 هزار 675 ۽ پاڪ ويڪ جا 7 هزار 876 ڊوز اثر وڃائي ويٺا. موڊرونا جا هڪ هزار 675 ۽ اسپٽنڪ ويڪسين جا 85 ڊوز خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مجموعي طور تي 76 هزار 935 ڊوز ضايع ٿي ويا، صحت کاتي جي اختيارين پاران ويڪسين خراب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *